ٻرڻو (وڏو)

ٻرڻو (وڏو)

ٻرڻو (وڏو)

ٻـُرڻو (وڏو) Greater Scaup/ Aythya marila /: بدڪ جو هڪ قسم. 51 سينٽي ميٽر جسامت واري هيءَ بدڪ رنگن ۾ شوخ يا گهڻي رنگ برنگي نه آهي. نر جي سِسي سائي ۽ ماديءَ جي ڪاري ڏسبي آهي. انهن گهرن رنگن ۾ انهن جون ڪاري ماڻڪيءَ واريون چمڪدار پيليون اکيون نهايت واضح ٿين ٿيون، شايد انڪري ئي هن بدڪ جو نالو ٻُرڻو پيو آهي. هي سياري جو مهمان پکي آهي. ان جون هم نسل ٻيون بدڪون هي آهن: ٻُرڻو (Aythya nyroca) ۽ رونهارو (Aythya Fuligula) آهن. اهڙيون ئي اکيون ٻرڻي (Aythya nyroca) ۽ رونهاري جون به هونديون آهن. هيءَ ٻُرڻو بدڪ رونهاري کان وڌيڪ وڏي، نرم، ڦِلڦلهي هوندي آهي. مٿي جي گولائي وڌيڪ نمايان اٿس، ۽ رونهاري وانگر چوٽي ڪونه ٿئيس .
هن جنس جي نَـر جا مٿيان کنڀ سرمائي ۽ انهن ۾ ڪاريون لهرون هونديون آهن. پويون ۽ پڇ وارو حصو ڪارو اٿس. ماديءَ جي منهن تي ويڪرو اڇو چٽو ٿئي ٿو، جيڪو ٻچي جي منهن تي ايترو گهڻو نه هوندو آهي. چهنب وڏي ويڪري ۽ ڪاري ٿئيس ٿي، جنهن جي نوڪ تي رونهاري جي ڀيٽ ۾ ننڍي ۽ ڪاري سخت چپڙي ٿئي ٿي.
هيءَ بدڪ اڪثر خاموش رهندي آهي، سواءِ ان وقت جي جڏهن پنهنجي نمائش ڪندي هجي. ڍنڍن، تلائن، ۽ تانگهي پاڻيءَ ۾ (جتي گاهه گهڻو هجي) اچي ٿي. سامونڊي يا ٻاڙين ڍنڍن تي به لهي ٿي. اپکنڊ ۾ آگسٽ کان مئي تائين ڏسبي آهي. خوراڪ جي ڳولا ۾، سطح تي ترندي مناسب خوراڪ نه مليس ته اڪثر ٽٻي هڻي به خوراڪ هٿ ڪندي آهي. مضبوط تيراڪ آهي. تانگهي پاڻيءَ ۾ تڙڳي ۽ ٽٻڙڪي ٿي، ڪنهن ڪنهن مهل مٿو به ٻوڙيندي ويندي آهي. طبيعت ۾ ٽاهڙ ۽ ويڙهاڪ بدڪ آهي. ڏينهن جو لڪي آرام ڪندي آهي ۽ رات جو خوراڪ ڳوليندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو